ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن رائيٽس کي  ڌر بڻجن جي درخواست تي پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ ٻين کي 20 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪالهه اين سي ايڇ آر پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران پٽيشنر جي وڪيل جبران ناصر دليل ڏيندي چيو ته ناظم جوکيو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ آهي جتي ڪيس جي دائري اختيار بابت فيصلو ڪيو پيو وڃي، جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پڇيو ته اين سي ايڇ آر جو هن ڪيس ۾ ڇا ڪردار آهي؟ جنهن تي جبران ناصر عدالت کي ٻڌايو ته اين سي ايچ آر ايڪٽ موجب ڪنهن به اهڙي ڪيس ۾ ڌر بڻجي سگهجي ٿو جتي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿيندي هجي، جنهن تي عدالت پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ ٻين کي 20 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا جنهن تي جبران ناصر عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪا تڪڙي تاريخ ڏني وڃي جيڪڏهن دهشتگردي ٽوڙ عدالت دائري اختيار بابت فيصلو ڪري ڇڏيو ته اسان جي درخواست غير موثر ٿي ويندي جنهن تي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوءِ ماتحت عدالت جو آرڊر معطل ڪري ڇڏينداسين. نيشنل ڪميشن فار هيومن رائٽس پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ناطم جوکيو ڪيس ۾ اسان جي ڌر بڻجڻ جي درخواست تي پهريان فيصلو ڪيو وڃي، اسان جو موقف ٻڌڻ بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي دائره اختيار بابت فيصلو ڪري. ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس جي دائره اختيار بابت فيصلو 12 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ڪالهه اي ٽي سي ۾ ناظم جوکيو ڪيس جي ٻڌڻي دوران اين سي ايچ آر جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته اسان ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست داخل ڪري رکي آهي پر ماتحت عدالت اسان کي دليل ڏيڻ جو موقعو ناهي ڏنو، اسان ڌر بڻجڻ جي درخواست تي فيصلو نه ڪرڻ جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ان جي اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي آهي انڪري اڄوڪي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي جنهن تي عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي چيو ته ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندو يا نه ان بابت فيصلو 12 مئي تي ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته اي ٽي سي گذريل ٻڌڻي تي ڌرين جا دليل ٻڌڻي بعد ڪيس جي دائره اختيار بابت فيصلو محفوظ ڪيو هو.