تنگواڻي (ن پ ا ) شبيرآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظر چولياڻي ۾ چوپايو مال ڪاهڻ تان قتل ڪيل نوجوان اختيار چولياڻي جي وارثن ٺل ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي مگسي اسٽاپ وٽ ٽائر  ساڙي حبيبان خاتون، زادي خاتون، خادم حسين چولياڻي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو، سوين گاڏيون بيهجي ويون،ڌرڻي ۾ حبيبان خاتون بيهوش ٿي وئي،مظاهرين ٻڌايو ته نندواڻي برادري جي هٿياربندن چوپايو مال ڪاهڻ تان مزاحمت تي گوليون هڻي ڀاڳئي نوجوان اختيار چولياڻي  کي قتل ڪيو،پوليس موقعي تي پهچڻ باوجود زخمين کي ليٽر نه ڏنو، زخمي تڙپي تڙپي فوت ٿيو.ڊي ايس پي محمّد صادق اوڍو، ايس ايڇ او ڪرمپور، ايس ايڇ او شبيرآباد جي خاطري بعد روڊ کوليو ويو