ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر جاويد علي ڪوريجو جي عدالت پسند جو پرڻو ڪندڙ نمره ڪاظمي  جي اغوا ڪيس جي جاچ آفيسر کي تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ايس ايس پي جاچ ڪورنگي کي حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪيس جو نئون جاچ آفيسر ڊي ايس پي رينڪ کان گهٽ وارو نه هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو ڪيس تمام حساس نوعيت جو آهي. جاچ آفيسر نمرا ڪيس ۾ ننڍي عمر جي شادي جا قلم شامل ڪري عبوري چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت پيش ڪيل چالان غيرتسلي بخش قرار ڏيندي جاچ مڪمل ڪري 16 مئي تائين چالان  پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏنو آهي، جوڊيشل ميجسٽريٽ جاويد علي ڪوريجو چيو آهي ته جاچ آفيسر نمره ڪاظمي جي ب فارم جي نادرا يا اسڪول تصديق ناهي ڪرائي، واقعي کي 20 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن پر پوليس ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي. عدالت چيو ته جاچ آفيسر نمرا جي عمر جي تعين لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ڪيون، پوليس نمرا ۽ شاه رخ جي نڪاح نامي جي تصديق به ناهي ڪرائي، جاچ آفيسر نمرا کي بازياب ڪرائڻ ۾ به ناڪام رهيو، پوليس ميڊيا خبرن جي بنياد تي ننڍي عمر جي شادي جا چالان ۾ قلم شامل ڪيا.