نئين ديري ڀرسان چوري جي ڪوشش دوران فائرنگ ۾ ڀاڳيو مارجي ويو

0
247

نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري ويجهو گهر مان چوري جي ڪوشش دوران چورن جي فائرنگ ۾ڀاڳيو مارجي ويو. ڳڙهي خدا بخش ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيران پور ۾چورن محمد علي جروار جي گهر مان مينهون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. چور جيئن ئي گهر اندر داخل ٿيا ته گهر ڌڻي محمد علي جروار سجاڳ ٿي ساڻن مزاحمت ڪئي. مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن گهر ڌڻي محمد علي جروار کي سڌيون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾وٺي نئون ديرو اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.