فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري بابت ٺهراءُ اڄ پيش ٿيندو: حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي ۾ ڳالهيون ڪامياب

0
612

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ پابندي پيل تنظيم ٽي ايل پي وچ ۾ رات جو ٿيل ڳالهيون نيٺ ڪامياب، وفاقي سرڪار طرفان ٽي ايل پي جي مطالبي تي فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ اڄ ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ٽي ايل پي طرفان به سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا ختم ڪيا ويندا، ڳالهين بعد وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو، ٽي ايل پي جي ماڻهن جا نالا فورٿ شيڊول مان به ڪڍيا ويندا، پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي پاران ملڪ ۾ مظاهرن، تشدد ۽ لاهور واقعن کانپوءِ حڪومت ۽ پابندي پيل تنظيم ۾ ڳالهيون هلي رهيون هيون. ٻئي پاسي فرانسيسي سفير جِي ملڪ بدري بابت ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس منجهند 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن اسپيڪر اجلاس خميس تائين ملتوي ڪيو هو پر سيڪريٽريٽ شيڊول تبديل ڪندي اجلاس اڄ ئي سڏائي ورتو.