نئون ديرو (ن پ ا ) نئون ديرو اسپتال ۾ گيسٽرو وگهي 10 ورهين جو غلام علي  جيهو فوت ٿي ويو، ڳوٺ محمد صلاح جي وانڍ جي رهواسي الهوڌايو جيهو پٽ جو لاش اسپتال ۾ رکي برادري جي ماڻهن سان گڏ ڌرڻو هنيو.چڪريون پڻ ٿيون، فوتي نينگر جو پيءُ الهوڌايو، اسپتال جا 2 ملازم ذيشان سپڙيو ۽ سجاد سهتو به زخمي ٿيا.پوسٽ مارٽم بعد لاش 11 ڪلاڪ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.اسپتال انتظاميا وارثن کي خاطري ڪرائي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي پي پي ايڇ آءِ ضلعي لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر عبدالرحيم جوڻيجو، ڊاڪٽر وڪيش. ڊاڪٽر ماجد عباسي تي مشتمل 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي. ڊي ايس پي نئون ديرو، پي پي ايڇ آءِ جي ضلعي مئنيجر لاڙڪاڻو عبدالرحيم جوڻيجو  ۽ جيھا برادري جي سردار ذوالفقار جيھو جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. فوتي نينگر جي والد جو چوڻ  هو ته 24 ڪلاڪن اندر پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ٿيڻ بعد ڊاڪٽر خلاف ڪوتاهي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. جيڪڏهن خاطري بعد به انصاف نه ڪيو ويو ته اسان عدالت ۾ جو دروازو کڙڪائينداسين. ٻئي طرف نئون ديرو ۾ برسات بعد گيسٽرو ۾ وڏي پئماني تي اضافو ٿي ويو آھي 100کان وڌيڪ ٻارن، عورتن ۽ مردن کي گيسٽرو سبب نئون ديرو اسپتال علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو هو ۽ گيسٽرو جي مريضن ۾ اضافي جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي.