حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ جسقم جي ميزباني هيٺ ڌاري آبادڪاري خلاف منعقد ”قومي ڪانفرنس“ ۾ گڏيل قرارداد پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو آهي ته سنڌ مان  بنا دير افغاني پناهگيرن سميت غيرقانوني طور ترسيل سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. گڏوگڏ سنڌ ۾ آباد ٻين صوبن جي ماڻهن کان ڊوميسائل، پي آرسي، ووٽ ۽ ملڪيت جو حق واپس ورتو وڃي. حيدرآباد پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ قومي ڪانفرنس جي صدارت جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪئي. صنعان خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مان افغاني پناهگيرن سميت ٻين غيرقانوني طور تي ترسيل غيرملڪين کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ هلندڙ جدوجهد وڌيڪ سگهاري ۽ تيز ڪئي ويندي. وقت جا حڪمران سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. توڙي جو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيل آهي ته افغانين سميت ٻين پرڏيهين کي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي پر ان تي عمل نٿا ڪرائين. جنهن ڪري انهن سنڌ مان ڌاري لوڌ کي نيڪالي ڏيارڻ لاءِ تاريخي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ڌارين کي نيڪالي ڏياري سنڌ کي نجات ڏياري ويندي. جسقم جي سينيئر اڳواڻ آصف بالادي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن جي ترجمان نه پر ڌارين جي دلال ۽ سنڌ جي وحدت سان هٿ چراند ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته پ پ سنڌي ماڻهن جي ووٽ جي امانت سان خيانت ڪري ٿي جيڪو پيغام سنڌ جي جهر جهنگ تائين پهچڻ گهرجي. ايس ٽي پي جي مرڪزي سينيئر وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي چيو ته سنڌ ۾ آباد ڪيل ڌارين جا شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل ۽ ووٽ رد ڪيا وڃن. سنڌ کي يروشلم بڻايو ويو آهي جتي عرصي کان هٿ وٺي ڌارين کي آباد ڪري اصل ڌرتيءَ ڌڻين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش تي ڪم ڪيو پيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته سنڌ عربن جي حملن کان ويندي انگريزن جي قبضي بعد پاڪستان جي ڪالوني بڻجي وئي جنهن ۾ سنڌ سان وڏا ظلم ۽ زيادتيون ٿيون آهن. سنڌين سدائين حملو ڪندڙن سان مقابلو ڪيو آهي. ايوب، ضياءَ ۽ مشرف سنڌ جون هزارين ايڪڙ زمينون پنجابين کي ڏنيون پر پنجابي سنڌي نه ٿي سگهيا. افغانين کان ويندي بنگالين، برمين ۽ بيهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو آهي. سنڌ سنڌين جي امڙ جيجل آهي. ڌارين خلاف واحد حل علاج پاڻ ۾ ٻڌي ڪري انهن جو مقابلو ڪرڻ ۽ سنڌ بدر ڪرائڻ آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان سجاد احمد چانڊيو چيو ته 2011ع جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ صرف ڪراچي ۾ 25 لک افغاني، برمي، بيهاري ۽ بنگالي رهيل آهن جيڪو انگ هاڻ تمام گهڻو وڌي ويو آهي. ڌاري آبادڪاري سنڌ جو اهم مسئلو آهي. سنڌ ۾ پ پ سرڪار 14 سالن کان اڻ اعلانيل ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ هو عدالت سان رجوع ڪندا تيستائين ڌارين جو سماجي ۽ معاشي بائيڪاٽ ڪيو وڃي. جي يو آءِ ف سنڌ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون چيو ته ڌاري آبادڪاري کان ويندي سنڌ جي مسئلن تي سندن ۽ قومپرستن جو موقف ساڳيو آهي. جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور چيو ته سنڌين کي سنڌ جي مسئلن تي جذباتي ٿيڻ بدران سنجيدگي جي به ضرورت آهي. ڪنهن به ڌاريي کي مستقل آباد ڪرڻ، ووٽ داخل ڪرڻ، ملڪيت خريد ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي. ڪراچي تي ڌارين جي دعويٰ ٺهي ئي نٿي. پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ مسرور شاهه چيو ته بلال ڪاڪا واقعي کي ڌاري آبادڪاري ڏانهن کڻڻ گهرجي. قومي ڪانفرنس سنڌ ۾ افغان پناهگيرن سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي لاءِ پرامن سياسي جدوجهد جي حمايت ڪندي مطالبو ڪيو ته ڌاريا کين ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن. قومي ڪانفرنس کي جسقم ليڊيز ونگ جي اڳواڻ مرڪ جان، وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻي، نامياري ليکڪه حميرا، ايس يو پي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته قومي ڪانفرنس ۾ جسقم اڳواڻ امجد مهيسر، ديدار شام، آڪاش ملاح، سهيل ڀٽو سميت ٻيا پڻ موجود هئا.