اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت کي خط لکيو آهي،  ذريعن مطابق خط ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سنڌ صوبي ۾ ٻئي مرحلي دوران فوري بلدياتي چونڊون ڪرائي پنهنجو آئيني فرض پورو ڪرڻ چاهي ٿي، خط ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سنڌ حڪومت 31 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائي ته سنڌ حڪومت سيڪيورٽي سميت ٻيا انتظام ڪيستائين ڪري سگهي ٿي.