اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان جو لانگ مارچ پهچڻ کان اڳ ئي اسلام آباد پوليس هوٽل، گيٽ هائوسز جي مالڪن ۽ مينيجرن کي نوٽيس جاري ڪندي لانگ مارچ لاءِ ايندڙن کي ڪمرا نه ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، هوٽل ، گيسٽ هائوسز جي مالڪن کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ويو ته هوٽل ۽ گيسٽ هائوس  مينيجر ۽ مالڪ ڪنهن به اهڙي شخص کي گيسٽ هائوس ، هوٽل ۾ نه رهائيندا جيڪو لانگ مارچ جي حوالي سان اسلام آباد ۾ رهڻ چاهيندو، ان حوالي سان هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز جي روزانو چيڪنگ ڪئي ويندي هدايتن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾   هوٽل ، گيسٽ هائوس  مالڪن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.