اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان فيصل واوڊا کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، فيصل واوڊا جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي وئي، پي ٽي آءِ پاران عمران خان جي صحيح سان بنيادي رڪنيت ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي شوڪاز نوٽيس جو جواب نه ڏنو تنهن ڪري سندس رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي، فيصل واوڊا ڪجهه ڏينهن اڳ عمران خان جي لانگ مارچ ۽ بيانيي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي هئي.