مڪاني چونڊن دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ڏند چڪ ۽ جهيڙن جا واقعا

0
210

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنس ۾ مڪاني چونڊن دوران مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ڏند چڪ ۽ جهيڙن جا واقعا پيش آيا، ملير جي يو سي 3 جي پولنگ اسٽيشن تي پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿي

پ پ اڳواڻ سلمان مراد بلوچ پولنگ اسٽيشن پهتو ته پي ٽي آءِ جي ايجنٽن اعتراض ڪيو، ٻنهي ڌرين ۾ ڏند چڪ بعد ڪجهه دير لاءِ پولنگ متاثر ٿي، پوليس پاران صورتحال تي ضابطو آڻڻ بعد ٻيهر پولنگ شروع ٿي وئي

 بلدیاتی انتخابات: کراچی اور حیدرآباد سمیت دیگر اضلاع میں پولنگ جاری

 بدين جي يو سي 37 مير غلام علي ٽالپر جي پولنگ اسٽيشن تي جهيڙي ۾ جي ڊي اي اميدوار جو پولنگ ايجنٽ زخمي ٿي پيو، زخمي ٿيل پولنگ ايجنٽ غلام قادر انڙ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي پولنگ ايجنٽس مٿو ڦاڙي ڇڏيو ۽ پولنگ اسٽيشن مان ڪڍي ڇڏيو

حيدرآباد سٽي تعلقي جي يو سي 27 جي پولنگ اسٽيشن تي پ پ اميدوار گڊو مري ۽ پرزائيڊنگ آفيسر وچ ۾ ڏند چڪ، پ پ اميدوار چيو ته اسان جي پولنگ ايجنٽ کي اندر نه پيو ڇڏيو وڃي، پرزائيڊنگ آفيسر جو چوڻ آهي ته پ پ اميدوار عملي کي هيسائي رهيو آهي

مٽياري ۾ جهيڙي سبب پولنگ جو عمل روڪيو ويو، پولنگ نمبر 4تي بدنظمي  سبب پولنگ جو عمل روڪيو ويو، پوليس ۽ رينجرز پهچي وئي

شگفته جماڻي جو چوڻ هو ته ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي، عورتن کي پنهجي مرضي سان ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ڏنو وڃي

هي به پڙهندا

ايم ڪيو ايم پاران چونڊن جي بائيڪاٽ تي افسوس ٿيو: شرجيل ميمڻ

مڪاني چونڊون: ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو ٻين ضلعن ۾ پولنگ جاري