قاتلاڻي حملي تي معافي ورتي وڃي ته مفاهمت لاءِ تيار آهيان: عمران خان

0
240
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان

لاهور(م ڊ) تحريڪ انصاف وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو، جنهن جي عمران خان منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن جي پارٽي چيئرمين کان منظوري گهربل هئي، ڪالهه عمران خان ان فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پارٽي ذريعن تصديق ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم خلاف اعتماد جي ووٽ جي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي،  صدر عارف علوي جلد وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوندو

ذريعن موجب پي ٽي آءِ اِهو فيصلو ايم ڪيو ايم جي خدشن کي ڏسندي ڪيو آهي، پي ٽي آءِ پراميد آهي ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم کي ووٽ نه ڏيندي. عمران خان چيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي هاڻ اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو هاڻ شهباز شريف کي ٽيسٽ ڪنداسين، پي ٽي آءِ ٽيسٽ پاس ڪري ورتي، هاڻ شهباز شريف جو وارو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پهريون ڀيرو شهباز شريف کي امتحان ۾ وٺنداسين اسان وٽ اعتماد جي ووٽ سان گڏ ٻيا آپشن به آهن

هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ جي هڪ هفتي بعد ڪي پي ڪي اسيمبلي کي ٽوڙيو ويندو، آصف زرداري سنڌ جي وزيرن سان نوٽن جا ٿيلها ڀري لاهور کڻي آيو ته اسان جا ميمبر گهٻرايل هئا، نامعلوم نمبرن تان فون ڪندڙ اهي آڇون به ڏئي رهيا هئا ته نواز ليگ ۾ هليا وڃو، هاڻ ان کي اچڻُو آهي، پر مون پنهنجي ماڻهن جي ٽيمپريچر جو جائزو پئي ورتو، پاڪستان بدلجي ويو آهي، مون ڪڏهن نه ڏٺو ته ائين ايم پي ايز تي دٻاءُ وڌو ويو هجي، مون کي اندازو ٿي ويو هو ته هاڻ هي نه ويندا، ايم پي ايز کي اندازو هو ته جيڪو هن وقت پارٽي ڇڏيندو اهو پنهنجي سياست جو جنازو ڪڍندو. اها تمام وڏي تبديلي هئي. هن چيو ته رات جو 10 وڳي اندازو ٿيو ته هاڻ پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جي پوزيشن ۾ آهيون مونس الاهي تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو، هو اسپين مان ميمبرن کي فون ڪري رهيو هو ڇاڪاڻ ته ق ليگ جا ميمبر آخر ۾ گهٽ هئا، اسان جا پورا ٿي ويا هئا

هن چيو ته اصل قرباني پرويز الاهي ڏني آهي اسان کيس تجويز ڏني آهي ته پارٽي پي ٽي آءِ ۾ ضم ڪريو. اتحادي حڪومت ۾ مسئلا ٿيندا آهن ساڍن ٽن سالن ۾ سڀني کي هينڊل ڪرڻ مون لاءِ عذاب هوندو هو، اسان هنن کي ترقياتي فنڊ ڏيندا هئاسين ته اسان جا ميمبر ناراض ٿي ويندا هئا. هاڻ مضبوط ۽ طاقتور حڪومت جي ضرورت آهي. هن چيو ته مون کي خوف ٿي رهيو آهي، سياسي انجنيئرنگ ڏسي رهيو آهيان، ايم ڪيو ايم کي گڏ ڪيو پيو وڃي، بي اي پي کي پ پ ۾ اماڻي رهيا آهن، ڏکڻ پنجاب ۾ پ پ کي سيٽون، جي يو آءِ کي ڪي پي ۾ ۽ هتي سڀني کي چون پيا ته ن ليگ ۾ هليا وڃو ڇاڪاڻ ته عمران خان تي ڪراس لڳائي ڇڏيو آهي، هنن تاريخ مان ڪو سبق نه سکيو آهي، سياسي انجنيئرنگ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو

ملڪ جو سوچيو ته صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ گهرجن. هن چيو ته اقتدار ۾ اچڻ وقت شروع ۾ لڳو ته اسٽيبلشمنٽ مون سان گڏ آهي، جنرل باجوه مونسان آهي، هنن کي سمجهه ناهي ته جنهن کي عوام جي حمايت هجي ان تي منڌيئڙو نه ٿو لڳائي سگهجي، مجيب الرحمان، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم، نواب اڪبر بگٽي تي منڌيئڙو لڳائي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. سڄي ملڪ جي ادارن کي گڏجي هن صورتحال مان نڪرڻو پوندو. هنن اسان جي سيڪورٽي تي سمجهوتو ڪيو ويو جيئن سريلنڪا ۽ مصر ۾ ڪري رهيا آهن ته هي ملڪ ٽٽي ويندو ان لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. آءِ ايم ايف سريلنڪا کي چيو آهي ته پنهنجي فوج اڌ ڪريو نه ته مدد نه ڪنداسين. نيلسن منڊيلا جهڙي ٽرٿ اينڊ ري ڪنسيليئيشن جي ضرورت آهي، ٽرٿ اينڊ ريڪنسيليئيشن آهي ته اعظم سواتي سان سچ ڳالهايو ته ها اسان اهو غلط ڪيو آهي مون کي چون ته توهان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، معافي گهرون ٿا، شهباز گل کي چون ته اسان ملڪ جي بهتري لاءِ معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيون

کائنس سوال ڪيو ويو ته توهان معافي ڪنهن کان گهرائڻ چاهيو ٿا ته هن چيو ته هي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي مون کي خبر آهي ته ڪنهن ڪيو آهي، اعظم سواتي ۽ شهباز گل کي خبر آهي ڪنهن ڪيو آهي؟ ملڪ کي اٿارڻو آهي ته قوم ۽ اسٽيبلشمنٽ کي گڏ رکڻو پوندو، ڊيڄارڻ ڌمڪيون ڏيڻ ناڪاره ڪردار آهي توهان هاڪاري ڪردار ادا ڪريو، قانون جي حڪمراني لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪريو

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ ڪمائڻ لاءِ ايندڙ پٺاڻ، سنڌي ۽ سرائيڪي مهاجر آهن، اسان مهاجر نه پر پاڪستاني آهيون: فردوس شميم نقوي