ايم ڪيو ايم پاران چونڊن جي بائيڪاٽ تي افسوس ٿيو: شرجيل ميمڻ

0
286
سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان
سنڌ ۾ 21 لک گهر ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاران چونڊن جي بائيڪاٽ تي افسوس ٿيو، ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، خواهش هئي ته ايم ڪيو ايم اليڪشن جو حصو بڻجي ها

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي سميت صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو پرامن طريقي سان ٿي رهيو آهي، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين

Ali Zaidi tests positive for coronavirus

ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وٽ اميدوار ئي نه هئا ان ڪري چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، هنن کي اندازو نه هو ته عمران خان کي ڇڏينداسين ته عوام پي ٽي آءِ سان گڏ بيهندو

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جو ميئر ايندو ته سڀني کي خبر پئجي ويندي، پي ٽي آءِ خلاف واويلا ڪئي پئي وڃي

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم چيو ته ايم ڪيو ايم کي چونڊ وڙهڻ گهرجي ها، اسان کي به تڪبندين ۽ آدمشماري تي اعتراض آهن، ايم ڪيو ايم چونڊ وڙهي ها ته خبر پئجي وڃي ها ته ڪير ڪٿي بيٺل آهي

هي به پڙهندا

مڪاني چونڊون: ڪراچي ۽ حيدرآباد سوڌو ٻين ضلعن ۾ پولنگ جاري