مڙس جي ٽئين شادي ۾ ٻي زال جي انٽري، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو

0
652

گوجرانوالا: مڙس جي ٽئين شادي دوران ٻي زال شادي تقريب ۾ اچي شادي ئي رڪرائي ڇڏي، گوجرنوالا جي علائقي ڪنگئي والا ۾ ھڪ ھمراھھ جي ٽئين شادي جو ڪاڄ ھلندڙ ھو تھ انھيءَ دوران ٻي زال مائٽن سان گڏ شادي جي ڪاڄ ۾ پھچي وئي جنھن تي ڪاڄ جو مزو خراب ٿي ويو، شادي جي ڪاڄ ۾ ٻي زال ۽ انھيءَ جي مائٽن جي پھچڻ کانپوءِ ٻنھي جا مائٽ پاڻ ۾ وڙھي پيا جڏھن تھ انھيءَ جھيڙي ۾ عورتون بھ شامل ٿي ويو جنھن دوران لتن ۽ مڪن جو بھ استعمال ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آھي تھ گرجاک جي رھائشي عدنان پنھنجي پھرين زال کي طلاق ڏئي ٻي شادي ڪئي ھئي، نڪاح کان پھريان ئي سموريون ڳالھيون سامھون اچڻ کانپوءِ ڪنوار جي مائٽن بھ انڪار ڪري ڇڏيو.