ڀريا روڊ واسي نينگر 8 مهينن کان گم، والدين بيحال

0
189

ڀرياروڊ(ن پ ا) ڀرياروڊ جي فتح پور پاڙي جي رھواسي پورھيت غلام مصطفي انصاري جو 10 ورھين جو نينگر شڪيل احمد انصاري گذريل 8 مھينن کان پراسرار طور گم، گم ٿيل نينگر جي پي غلام مصطفي انصاري روئيندي دانھيو ته سندس پٽ 8 مھينا اڳ پنهنجي گھران ريلوي اسٽيشن ڏانهن نڪتو ھو جيڪو اڃان تائين ناهي ملي سگھيو، ھن ٻڌايو ته پٽ جي ڳولا لاءِ اسان مسلسل مٽن مائٽن کان علاوه سنڌ جي مختلف درگاھن تي پڻ ڳوليندا رھيا آھيون پر نه مليو، ھن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي عيد آهي، پُٽ کان سواءِ اسان ڪھڙي عيد جون خوشيون ملھائين سگھنداسين، سموريون خوشيون خاڪ ۾ ملي ويون آهن، ھـن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي ھنن اپيل ڪندي پوليس انتظاميه کان علاوه سماجي تنظيمن کان سندس پٽ جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي.