مٽياري (رپورٽر ) مٽياري ويجھو ڳوٺ واسو ڏکڻو ۾ باغ مان نوجوان جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي. ڳوٺ واسو ڏکڻو جي ڀرسان باغ ۾ وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو جنهن جي سڃاڻپ سترام ڪولهي تحت ٿي، جنهن جو لاش وارثن تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان خبر نه ڇو خودڪشي ڪئي آهي ڪارڻ معلوم نه آهي. اسان کي به پاڙي وارن اطلاع ڏنو آهي، ٻئي پاسي سيکاٽ پوليس ان معاملي کان بي خبر رهي، ايس ايڇ او سيکاٽ رابطي تي ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته اسان کي لاش هٿ اچڻ جو وارثن ڪو به اطلاع نه ڏنو آهي پاڻمرادو لاش اسپتال کڻائي ويا آهن، اسان معلومات ڪري رهيا آهيون، ٻئي طرف ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته وارث لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿا ڪرائين.