نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ڀرسان سڱ نه ڏيڻ تان ماسڙ هٿان لاباري تي ويندڙ نوجوان ناري قتل، پوليس جي حد بندي جي تڪرار سبب لاش 4 ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيو، جوابدار فرار. خبر موجب ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾21سالن جي ناري نازيا بروھي پنھنجي والدين سان گڏجي ڪڻڪ جي لاباري تي وڃي رھي ھئي ته ٽن موٽرسائيڪل سوار ھٿيار بندن پسٽل جا فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ڏيرا پوليس ۽ نصيرآباد پوليس ۾ حد بندي جي تڪرار سبب مقتول ناري جو لاش چار ڪلاڪ واقعي واري هنڌ پيل رهيو، بعد ۾ نصيرآباد پوليس پهچي ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي پنھنجي اباڻي ڳوٺ کڻائي ويا. ان ڏس ۾ مقتول ناري جي والد محمد حسن بروھي جو چوڻ جو ته سندس نياڻي کي زاھد ڪوري ۽ ٻن نامعلوم ماڻھن قتل ڪيو آھي، هن چيو ته مان ھڪ جوابدار کي سڃاتو آھي، مون سان ظلم ٿيو آھي، انصاف ڪيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اورثن پاران جنهن جوابدار جو نالو کنيو پيو وڃي اهو ناري جو ماسڙ آهي ۽ ڪافي وقت کان هو ناري کي چاهيندو هو، جنهن لاءِ ڪجهه عرصو اڳ هو رات جي وقت ناري جي گهر به گهريو هو جنهن جو بعد ۾ فيصلو ڪيو ويو هو. ذريعن موجب بعد ۾ الزام هيٺ آيل جوابدار زاهد ڪوري ناري جو سڱ پڻ گهريو هو پر ناري جي والدين انڪار ڪيو، جنهن بعد هو سخت غصي ۾ اچي ويو ۽ ناري جي وارثن کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون ته هو کيس قتل ڪري ڇڏيندو، ذريعن موجب وارثن جو چوڻ آهي ته اهڙي معاملي بعد ڪالهه جوابدار فائرنگ ڪري ناري کي قتل ڪري ڇڏيو، علائقي ۾ چوٻول آهن ته جوابدار بااثر ماڻهن جي ڪمدار جو ڀاڻيجو پڻ آهي، جنهن ڪري پوليس مٿس هلڪو هٿ رکيو آهي ۽ اڃا تائين کيس گرفتار به ناهي ڪيو. هوڏانهن ايس ايچ او نصيرآباد جو چوڻ آهي ته 4 ڄڻا گرفتار ڪيا آھن، مک جوابدار زاهد ڪوري کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.