مٽياري (رپورٽر) پوليس ذريعن موجب کيبراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ خاصخيلي واٽر ۾ نوجوان ناري زينت مبينا طور پاڻ کي باھ ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتان کيس طبي امداد ڏيڻ بعد گهر روانو ڪيو ويو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي هئي، ان حوالي سان ايس ايچ او کيبراڻي امداد راهپوٽو جو چوڻ آهي ته زينت جي حوالي سان پهريان اها خبر پئي ته هن خودڪشي ڪئي آهي پر سندس پيءُ جو چوڻ آهي ته سندس ذهني توازن درست نه هو، هن جو علاج به هلندڙ هو، نياڻي کي گهر جي چلهه مان باهه لڳي وئي، ان مهل گهر ۾ ٻيا ڀاتي موجود نه هئا، جنهن ڪري هن جو موت واقع ٿيو آهي، ايس ايچ او جو چوڻ آهي اسان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي.