شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور جي عدالت 20 ورهين جي ناري سان مبينا زيادتي ڪندڙ مک جوابدار سميت 5 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان حوالي سان شھر جي جٽيا پاڙي جي رهواسي علي حسن جسڪاڻي پاران ڌيءَ سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ ڏنل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران درخواستگذار علي حسن جسڪاڻي موقف اختيار ڪيو ته 2 مهينا اڳ سندس برادري جي آصف جسڪاڻي گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي سندس 20 ورهين جي ڌيءُ انيتا کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، جڏهن ته سليمان، طالب، اشرف ۽ ڪالو جسڪاڻي زيادتي معاملي تي خاموش رهڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته جوابدار راڄوڻي فيصلي لاءِ دٻاءُ وجهي ڊگھو عرصو رلايو ته جيئن زيادتي واقعي جون شاهديون ختم ٿي سگهن، برادري سميت چڱن جي فيصلي تي به نه بيٺا ۽ هاڻ پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. عدالت سڳوري شھدادپور ٿاڻي جي انچارج کي فوري طور تي فرياد ٻڌي ڄاڻايل پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، فرياد ڪوڙي ثابت ٿيڻ تي فريادي مٿان قلم 182 تحت ڪاروائي ڪئي وڃي.