مٺي ( رپورٽر ) پي ٽي آءِ جي 15 حامي ڪارڪنن مٿان پ پ پ جا جهنڊا ساڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ چوڙيو ڀيل ۾ پ پ پ حامين پاران پي ٽي آءِ حامين مٿان جهنڊا ساڙڻ جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي پ پ پ حامي ذولفقار ناريجو جي فرياد تي پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ڀيل برادري جي 9 سڃاتل ۽ 6 اڻسڃاتل ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ بعد پوليس جون گرفتارين لاءِ ڪارروايون شروع ٿي ويون آھن پوليس ڇاپن سبب ڀيل برادري ۾ خوف پکڙجي ويو آھي هوڏانهن پي ٽي آءِ جي صوبائي اڳواڻ لجپت سوراڻي رابطو ڪرڻ تي چيو آھي ته ڀيل برادري جي گهرن مٿان پ پ پ جي لڳل جهنڊن لاهڻ جو الزام ڀيل برادري مٿان هنيو ويو آھي ۽ فريادي وري ذوالفقار ناريجو ٺاهيو ويو آھي جيڪا حيرت جهڙي ڳالهه آھي پر اسان ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، ٿر مان پ پ پ جي شڪست مقدر بڻجي ويئي آھي ڪوڙن ڪيسن ۽ پوليس گردي سان اسان جا حوصلا وڌيڪ مضبوط ٿيا آھن، هن چيو ته پوليس گردي ۽ انتقامي ڪاررواين جو نوٽيس نه ورتو ويو ته سخت احتجاج ۽ مزاحمت ڪنداسين،