نواب شاھه( بيورو رپورٽ ) ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عامر حسين پنهور 26 جون تي ضلعي ۾ منعقد ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙن سياسي پارٽين جي نمائندن ۽ آزاد اميدوارن تي زور ڀريندي چيو آهي ته مڪاني چونڊن کي صاف، شفاف ۽ پرامن  بنائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران جاري ڪيل ضابطي اخلاق تي هر صورت ۾ عمل کي يقيني بڻايو وڃي اها ڳالھه هن پنهنجي آفيس ۾ سياسي پارٽين جي نمائندن ۽ آزاد اميدوارن سان ضابطي اخلاق تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي اجلاس ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر/ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر شهيد بينظيرآباد نويد عزيز،ڊي ايس پي پوليس شيرعلي جمالي، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غلام عباس ڳوراهو سميت مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن، آزاد اميدوارن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنهور چيو ته ضلع ۾ صاف ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن، ضلع انتظاميه، آفيسرن ۽ سياسي جماعتن جي گڏيل ذميواري آهي انهي لاءِ سمورا عملدار ۽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطي اخلاق تي عملدرآمد ڪن. ان موقعي تي سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ آزاد اميدوارن پاران پنهنجي خدشن ۽ مسئلن بابت اجلاس کي آگاهي ڏني وئي جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر عامر حسين پنهور ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر نويد عزيز کين يقين ڏياريو ته سندن سمورا خدشا ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.+