ميڪسيڪو جي سونهن راڻي مس يونيورس چونڊجي وئي

0
313

واشنگٽن (ڊيسڪ رپورٽ) ميڪسيڪو جي سونهن راڻي آندريا ميزا سخت مقابلي بعد مس يونيورس 2021 جو ٽائيٽل حاصل ڪري ورتو. مس يونيورس جو 2020 وارو مقابلو ڪورونا سبب ملتوي ڪيو ويو هو. مس يونيورس جي مقابلي ۾ 70 سندرين حصو ورتو. هن ڀيري مس يونيورس جي مقابلي ۾ آخري ٽن فائنلسٽس ۾ مس پيرو، مس برازيلين ۽ مس ميڪسيڪو شامل هئا. مس ميڪسيڪو پنهنجي حريفن کي شڪست ڏئي مس يونيورس بڻجي وئي.