سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 23 مريض فوت

0
525

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير پاران ڪورونا صورتحال بابت جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 719 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 23 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. اهري ريت وبا سبب صوبي ۾ فوتين جو انگ وڌي 4824 ٿي چڪو آهي. هن وقت صوبي ۾ ڪووڊ جا 276742 مريض بحال ٿي چڪا آهن، جڏهن ته صوبي ۾ هن وقت 18330 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 740 مريضن جي حالت نازڪ آهي ۽ 53 مريض وينٽيليٽر تي آهن.