ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ جي ڳوٺ رسول بخش گوگاڻي جا رھواسي عورتن ۽ ٻارڙن عابد چانڊيو مسمات عظيمان مسمات جميله چانڊيو ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪيو. هنن دانھيو ته اسان جي ڳوٺ جي پلاٽ تي محمد خان چانڊيو، اميد علي  نياز چانڊيو ۽ ٻين زبردستي  قبضو ڪيو آھي ۽ اسان جي ڀاء زاھد چانڊيو کي راڌڻ پوليس ھٿان گرفتار ڪرائي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي ھنن چيو ته بااثر محمد خان چانڊيو ۽ ٻيا اسان کي موت مار ڌمڪيون ٿا ڏين ھنن ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کي اپيل ڪندي گھر ڪئي ته اسان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي ۽ اسان جي ڀاء تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي