بهرام (ن پ ا ) بهرام گورنمينٽ لوئر سيڪنڊري ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول غلام علي مگسي مان چور 11سولر پليٽون اسٽينڊن سميت کڻي ويا.ڳوٺ غلام علي مگسي جي ٻنهي اسڪولن مٿان لڳل 11سولر پليٽون اسٽينڊ سميت چور کڻي ويا.  اهڙو اطلاع  هيڊ ماستر محمد الياس ميرجت ۽ پرائمري اسڪول جي هيڊ ماستر صوبدار علي پتوجو کبڙ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي، ڳوٺاڻن گهر ڪئي ته اسڪولن مان چوري ٿيل سولر پليٽون واپس ڪرايون وڃن.