ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ جي الوهاب رائيس مل ٻيٽو روڊ تي دادو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ميهڙ جي آفيس جي افتتاح جي شاندار افتتاحي تقريب ٿي گذري. جنهن ۾ سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري، ڪاروباري ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. دادو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ميهڙ جي آفيس جو افتتاح دادو چيمبر آف ڪامرس انڊسٽريز جي سرپرست اعلى حاجي غلام قادر سولنگي، دعا فائونڊيشن جي چيئرمن زبير احمد ڀرٽ، جنرل سيڪريٽري امتياز احمد قريشي، پير آف ميهڙ سيد محمد شاهه رضوي، ڊاڪٽر محمد خان شيخ، ميان عبدالوهاب جتوئي ۽ ٻين ڪيو.