حيدرآباد (بيورو رپورٽ) انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻن، ترقي پسند ۽ سماج سڌارڪ اڳواڻن چيو آھي ته رياست جي ذميواري آھي ته ھر ماڻھو کي پنھنجو گھر فراھم ڪري پر پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون اليڪشن کٽڻ لاءِ منشور ۾ گھر ڏيڻ جا واعدا ڪن ٿيون ۽ حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدا وفا نه ٿا ٿين. منظم سوسائٽيون نه ھجڻ ڪري ڪچيون آباديون جنم وٺن ٿيون. نتيجن ماڻھن کي حددخلين جي نالي تي بي گھر ڪيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد چيپٽر طرفان رھائش جو حق ۽ رياست جي ذميواري جي عنوان ھيٺ فڪري ويھڪ ڳالهائيندي ھيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان حيدرآباد جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته رياست ماڻهن کي گھر ڏيڻ جي ذميواري نڀائڻ بدران حددخلين جي آڙ ۾ لکين ماڻھو بي گھر ڪري ڇڏيا. عدليا کي پنھنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي ۽ رياست کي گھرجي ته ڪچين آبادين توڙي ڳوٺن کي ڊاھڻ بدران انھن کي مالڪاڻا حق ڏئي کين بنيادي سھولتون فراھم ڪيون وڃن. هن چيو ته بحريا ٽائون ۽ وزيراعظم جي گھر کي پئسا وٺي ليگل لائيز ڪيو وڃي ٿو پر لکين ماڻھن کي بي گھر ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته ساڳئي قانون تحت انھن ماڻھن کي اٿارڻ بدران ليز تي کين پلاٽ ڏئي بي گھر ٿيڻ کان بچايو وڃي. پ پ اڳواڻ سعيد الدين چيو ته ادارا پنھنجون ذميواريون پوريون نه ٿا ڪن. ھتي قانون مختلف ماڻھن لاءِ مختلف طريقن سان استعمال ٿئي ٿو. ايچ آر سي پي لاھور جي پروجيڪٽ مينيجر فيروزه بتول چيو ته ماڻھن کي غير قانوني اڏاوت جي نالي تي بي گھر ڪرڻ جو مسئلو پوري پاڪستان جو مسئلو آھي. اھا رياست جي ذميواري آھي ته ڪنھن کي به بي گھر ٿيڻ کان اڳ ان کي گھر فراھم ڪري. ان موقعي تي يوسي ڄامشورو جي اڳوڻي ناظما نائما بلوچ، ايچ آر سي پي حيدرآباد جي اسسٽنٽ ڪوآرڊينيٽر غفرانا آرائين، لالا عبدالحليم شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.