سکر (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر نائين ۽ ڏھين جماعت جي سالياني امتحانن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو، شديد گرميءَ ۾ امتحان 5 جولاءِ کان 17 جولاءِ تائين جاري رھندا. بورڊ جي ماتحت ھڪ لک کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون نائين ۽ ڏھين جماعت جو امتحان ڏيندا. سکر تعليمي بورڊ جي ڪنٽرولر محمد رفيق پلھ ھڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته نائين ۽ ڏھين سال 2021ع جا امتحان 05 جولا کان شروع ٿيندا جيڪي 17 جولاءِ تائين جاري رھندا، ڏھين جماعت جو پھريون پيپر 5 جولاءِ سومر ڏينھن سائنس ۽ جنرل گروپ جا شاگرد ڏيندا، اھڙي طرح نائين جماعت جو پھريون پيپر 7 جولاءِ اربع ڏينھن ورتو ويندو، مليل ڄاڻ موجب نائين ۽ ڏھين جماعت جا سکر بورڊ معرفت سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن سان تعلق رکندڙ ھڪ لک کان وڌيڪ شاگرد حصو وٺي رھيا آھن. ڄاڻايل ضلعن جا اُھي اميدوار جيڪي نائين ۽ ڏھين جماعت ۾ فيل ٿيا ھئا يا جن امپروور جي لاءِ درخواستون ڏنيون آھن، انھن جي لاءِ ضلعن ۾ الڳ سينٽر قائم ڪيا ويا آھن، فيل ٿيندڙ يا امپرووَ ڪندڙ نائين ۽ ڏھين جماعت جا شاگرد 12 جولاءِ کان پيپر ڏيندا. سکر بورڊ طرفان گھوٽڪي ضلعي جي فيل يا امپروومينٽ ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ گھوٽڪي ھاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو، سکر ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سکر ۽ گورنمينٽ گرلز ھاءِ اسڪول سکر ۽ خيرپور ۾ گورنمينٽ ناز پائليٽ اسڪول خيرپور ۽ ھاءِ اسڪول راڻيپور ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آھن، جِتي ضلعن جي لاڳاپيل اسڪولن جي شاگردن کي امتحان ڏيڻ جي لاءِ ڄاڻايل سينٽرن ڏانھن وڃڻو پوندو. سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ مجموعي طور تي فيل ۽ امپرووَ ڪندڙ اميدوارن جو تعداد 750 آھن.