خيرپور ۾ هڪ گهر مان لکين رُپين جون سرڪاري دوائون هٿ اچڻ واري اسڪينڊل جو ڪيس داخل

0
258

خيرپور (ن پ ا) خيرپور ۾ هڪ گهر مان لکين رُپين جون سرڪاري دوائون هٿ اچڻ واري اسڪينڊل جو ڪيس داخل، بي سيڪشن ٿاڻي تي سب انسپيڪٽر جِي مدعيت ۾ داخل ڪيس ۾ پرشو مل، حاڪم لال، هريش ڪمار، حڪيم سولنگي ۽ راجيش ڪمار جوابدار طور نامزد، پوليس پرشو مل ۽ حاڪم لال کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته پرشو مل جَي گهر ۾ سرڪاري دوائون رکيل هجڻ جو اطلاع مليو ته ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران سرڪاري دوائن جا 80 کان 90 ڪارٽن هٿ ڪيا ويا، اسڪينڊل منظرعام اچڻ بعد سول اسپتال انتظاميا به حرڪت ۾ اچي وئي، معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪميٽي طرفان 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي، رپورٽ ۾ جيڪو به ملازم ذميوار نڪتو، اُن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ٽوني اوڏ سوشل ميڊيا تي لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پ پ ايم اين اي نفيشه شاهه جو خاص ماڻهو نه، پر ادنيٰ ڪارڪن آهيان، دوائن جي اسڪينڊل ۾ ملوث نه آهيان، سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندس.