ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 1400 رپيا مهانگو، ڊالر ۾ 60 پئسن جي لاٿ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1400 رپين جي واڌاري سان 107900 مان 109300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1490 رپين تي بيٺل رهي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 60 پئسا لاٿ سان 159.6 مان 159 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان 222 مان 221 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا اضافي سان 189.5 مان 190 رپيا ٿي ويو.