ميهڙ: چانڊيا ۽ جانوري ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي ويو، فائرنگ ۾ 2زخمي

0
125
ميهڙ: چانڊيا ۽ جانوري

ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ چانڊيا ۽ جانوري ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي ويو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن، ميهڙ ۾ چانڊيا ۽ جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مرڻينگ ٿي پيا آھن،

فائرنگ ۾ ڳوٺ وسايو جانوري واسي  ممتاز عرف پٺاڻ جانوري ۽ سعيد  جانوري زخمي ٿي پيا آھن، کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي

وارثن جو چوڻ آھي تھ امير چانڊيو ۽ مير چانڊيو فائرنگ  ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو،  انصاف ڪيو وڃي، پوليس موجب سوشل ميڊيا تي رکيل ڦوٽو تي  ڪمينٽس ڪرڻ تان ٻنهي ڌرين ۾  پراڻو تڪرار هلندڙ آهي