سوال/سروي آخري ڏکيو فيصلو اهو بچيو اٿوَ ته اسان کي بم هڻي تباهه ڪيو: شهباز جي بيان تي عوام جو ردعمل

0
111
سوال/سروي آخري ڏکيو فيصلو اهو بچيو اٿوَ ته اسان کي بم هڻي تباهه ڪيو: شهباز جي بيان تي عوام جو ردعمل

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پيٽرول اگھه جو آءِ ايم ايف سان واسطو ناھي، اڃان وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا، وزيراعظم جي ان بيان کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اڃا ڪهڙا ڏکيا فيصلا ڪندا، حڪمرانن غريب ماڻهن کي جيئڻ جهڙو ئي ناهي ڇڏيو، مهانگائي جي ڪري غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته ، آخري ڏکيو فيصلو اهو بچو اٿن ته ملڪ آمريڪا حوالي ڪري ڇڏين، بس اسان جو ھاڻي اھو مطالبو آهي ته اسان کي ايٽم بم ھڻي تباھه ڪن بچايو ڇا اٿن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي پرويز خاصخيلي لکيو ته پهرين چوَن پيا ته آءِ ايم سان معاهدا آهن.. ڀلي ڪنهن سان به معاهدا ڪيو يا نه ڪيو عوام کي فائدو ڏيو ظالمو، عابد ڀٽي لکيو ته بلڪل وزيراعظم صحيح ٿو چوي باقي پيٽرول جا اگھه وڌڻ سان معيشت ۾ بهتري ايندي انڪري سڀ ڪجھه ڪرڻو ٿو پوي، اسدالله هنڱورجو لکيو ته عوام کي اهي جيئڻ جهڙو نه ڇڏيندا. محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اڳ عمران حڪومت ايم ايف سان معاهدا ڪري وئي هاڻ شهباز حڪومت غريبن کي ٻه ويلا ماني کان پري ڪري ڇڏيو، هي حڪومت عوام دشمن حڪومت آهي، حڪومت کي گهرجي عوام کي رليف ڏئي پيٽرول ،ڊيزل ٻيون  شيون سستون ڪيو وڃن عوام کي جيئڻ ڏنو وڃي،

قربان علي ميراڻي لکيو ته ظالم حڪمران نيازي کان به بدتر حڪومت ھنن جي ثابت پئي ٿئي، عامر کوسو لکيو ته عمران خان وارو يوٽرن پهريان چون پيا ته آءِ ايم ايف چوي پيو جيڪڏهن آءِ ايم ايف نٿو چوي ته پوءِ ڇو پيٽرول جي قيمت وڌائي وئي آهي، حسين ٽانوري لکيو ته بس اسان جو ھاڻي اھو مطالبو آهي ته اسان کي ايٽم بم ھڻي تباھه ڪن بچايو ڇا اٿن، اسد انڍڙ لکيو ته هاڻي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو، خالد نوتڪاڻي لکيو ته عوام کي جيئڻ جهڙو نه ڇڏيو اٿن،عبدالوهاب سنڌي لکيو ته ٻيو ھاڻي عوام کي ڏکيو فيصلو ڪرڻو پوندو انهن امپورٽيڊ حڪومت کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو، آخري ڏکيو فيصلو اهو بچيو اٿن ته ملڪ آمريڪا حوالي ڪري ڇڏين، بشير ميراڻي لکيو ته اڃا ڏکيا فيصلا ڪهڙا ڪندا، عوام جون زندگيون مهانگائي ۾ ختم ڪري ڇڏيون آهن اڃا ڇا ڪندا، بخش کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، اياز علي راهوجو لکيو ته شاباش ھجي اھڙي وزيراعظم کي جيڪو عوام لاءِ اھڙي سٺي سوچ ٿو رکي نه غريب ھوندو نه پريشان ٿيندو، اسلم لغاري لکيو ته خدا پڄندس غريب ڇا ٿو ڪري سگھي؟ غلام رضا راڄپر چيو ته اهو چور آهي، رسول بخش اسراڻ ۽ شيراز چانگ وزيراعظم جي ان بيان تي افسوس جو اظهار ڪيو، عثمان علي جتوئي لکيو ته آخري ڏکيو فيصلو اهو بچيو اٿن ته ملڪ آمريڪا جي حوالي ڪري ڇڏين، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته پيٽرول کي آخري بوسٽرڊوز لڳندو،

شھباز شريف سميت مھانگائي مارچ ڪندڙ ڪٿي آھن؟ مھانگائي ته ان کان گهڻي وڌي وئي آهي، خدارا گذارش آھي ته 26 جون تي پنھنجي گھرن کان ٻاهر نه نڪرو انھن کي ووٽ نه ڏيو بس اھو گناھه نه کڻو، ھنن کي ووٽ نه ملندو ته ظلم نه ٿيندا، اسماعيل خلجي لکيو ته غريب ملڪ جي حڪومت شاهي خرچن کي ختم ڪري، سخت فيصلا ڪري غريب ماڻهن کي بک نه ماريو وڃي، عوام کي رليف ڏنو وڃي، فضل سبزوئي لکيو ته ھي سڀ ٺڳي جا ٺاهه آھن، عمران خان جي حڪومت هئي ته شھباز شريف رڙيون ڪندو هو ته مهانگائي آهي ھاڻي چوي ٿو ته وڌيڪ ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن، ممتاز علي سميجو لکيو ته آءِ ايم ايف جو واسطو ناهي ته پيٽرول ايترو مهانگو ڇو ڪيو آهي؟ عوام جو جئيڻ جنجال آهي هنن کي اڃان ڏکيا فيصلا ڪرڻا آهن، ڪاشف ڪاشي لکيو ته جڏهن جاهل حڪمران چوندا آھن ته عمران خان معاهدو ڪري ويو هو آءِ ايم ايف سان تڏهن پيٽرول پيا وڌايون عوام به انهن تي يقين ڪري دليل پئي ڏنا هاڻ ٻڌايو انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي ڪوڙا ٺڳ حڪمران، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته اڳ ۾ حڪومت ڪهڙا سٺا ڪم ڪيا آهن،

عبدالعليم کوکر لکيو ته ڪالهه تائين چون پيا ته عمران خان جي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڪري پيٽرول مھانگو ڪيو آهي ھاڻي وري پنهنجي ڳالھه تان ڦري ويا آهيو، عزير احمد لکيو ته معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ صرف پيٽرول ئي واحد ذريعو ناهي ٻيا طريقا به آهن، عوام مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي، سليم اختر لکيو ته پوءِ اجايو عمران تي الزام ڇو هنيا، سنتوش ڪمار لکيو ته هاڻي سڀ حڪمران يوٽرن جا ماهر ٿي ويا آهن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته ملڪ جو الله واهي آهي، هتي مهانگائي خلاف ڪير به نه ڪڇندو، ميانداد مري لکيو ته لڳي ٿو ھي حڪومت عوام کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪندي، عبدالوحيد عباسي لکيو ته غريبن تي رحم ڪيو وڃي، اياز بهراڻي لکيو ته حڪومت ھاڻ پنهنجن ڏنل بيانن جي خلاف ٿي رھي آھي غريب ماڻهو آخر ڪيترو برداشت ڪندو، عبدالله گهمرو لکيو ته عمران تي پهريان الزام هڻي رهيا هئا، راشد لطيف لکيو ته اسان اهڙي وزيراعظم کي چور سمجهون ٿا.