ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نبات پور ويجهو انڊس هاء وي روڊ جي پاسي تي هڪ نامعلوم درويش شخص جو لاش ھٿ آيو آهي. رستي سان ويندڙ ماڻهن جي اطلاع تي ميهڙ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقه اسپتال ميهڙ آندو جتي لاش مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي . هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ٿي نه سگهي آهي پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ سبب سندس موت جو ڪارڻ به معلوم ٿي نه سگهيو آهي