روهڙي (ن پ ا ) روهڙي ويجهو پٽڻي ٿاڻي جي حد اروڙ ٻنڊو واري علائقي ميراڻي محلا جو رھواسي 45 سال جو غلام عباس ميراڻي ڪارو ناري جي تلائن ۾ مڇي مارڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو، لاش وارثن کڻائي تعلقا اسپتال روھڙي پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو آهي ،جڏهن ته فوتي جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام متل آهي.