ميرپور ٻرڙو ڀرسان بنگلاڻي ۽ جعفري وڙهي پيا، 13ڄڻا زخمي

0
192

ميرپور ٻرڙو (ن پ ا) ميرپور ٻرڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير جعفري ۾ معمولي ڳالهه تان  جعفري برادري ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا

جهيڙي دوران ڌرين هڪ ٻئي کي لٺيون، سرون ۽ ڪهاڙيون هنيون، زخمين ۾ سرور جعفري، دودو جعفري، سيف الدين جعفري،احمد جعفري ۽ پوليس اهلڪار  بابل بنگلاڻي نواز بنگلاڻي سميت ٻيا شامل آهن

ميرپور ٻرڙو پوليس زخمين کي ليٽر ڏئي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي