صدارتي نظام جو بحث ۽ عمران حڪومت جي خاتمي جون ڳالهيون

0
161
ڇا عمران خان بند گهٽي ۾ ڦاسي پيو آهي ؟

  ملڪ ۾ صدارتي نظام بابت به بحث ٿي رهيو آھي ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿيندي يا نه  جون به ڳالهيون هلي رهيون آهن.آئيني ماهرن جو ان ڳالھه تي اتفاق آھي ته موجوده آئين جي موجودگي ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪرڻ ممڪن ئي نه آھي. صدارتي نظام لاءِ ملڪ ۾ مارشلا لڳائڻي پوندي جنهن سان گڏ آئين کي معطل ڪري صدارتي نظام لاءِ ڪو طريقيڪار آڻڻو پوندو. ماضي ۾ جيڪي به مارشلائون لڳيون انهن کي سپريم ڪورٽ جائز قرار ڏنو پر 18 هين ترميم بعد آئين جي معطلي جو عمل آسان نه رهيو آھي نه رڳو آئين معطل ڪرڻ کي  سنگين غداري قرار ڏنو ويو آھي پر ان ۾ سهولتڪار ٿيڻ کي به سنگين غداري قرار ڏنو ويو آھي، ان سان گڏ آئين ۾ اهو واضح طور لکيو ويو آھي ته آئين جي معطلي کي ڪنهن به عدالت ذريعي جائز قرار نه ڏئي سگهبو.

سوال هي آھي ته آئين جي معطلي کي اهڙو سنگين غداري جو جرم قرار ڏيڻ بعد ڇا اهو آپشن استعمال ڪرڻ ممڪن آھي؟ اهو ئي سبب آھي جو صدارتي نظام وارين ڳالھين کي اڪثر ماڻهو موجوده صورتحال تان ڌيان هٽائڻ جو هڪ حربو سمجهن ٿا. جڏهن ته تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ ملڪ اندر صدارتي نظام آڻڻ وارين ڳالھين کي ان ڪري سنجيده وٺي رهيا آھن جو کين معلوم آھي ته ماضي ۾ به آئين مارشلا لڳائڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏئي رهيو هو پر ان باوجود مارشلائون لڳي چڪيون آھن ۽ ماضي ۾ به آئين ۾ مارشلائن کي جائز قرار ڏيڻ جو ڪنهن کي اختيار نه هو پر پوءِ به ماضي ۾ مارشلائن کي جائز قرار ڏنو ويو، اهو ئي سبب آھي جو اهو بحث پارليامينٽ تائين پهتو آھي. ڏسجي ته اڻ سڌي طرح ان صدارتي نظام لاڳو ٿيڻ واري مامري تي بحث  جو حڪومت کي فائدو ٿي رهيو آھي ڇو ته ميڊيا ان تي بحث ۾ لڳل هوندي ته ملڪ اندر مهانگائي، آءِ ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ سبب عوام تي پوندڙ بار ۽ حڪومت جي ٻين ناڪامين تي بحث ئي گم ٿي ويندو. ڳالھه حڪومت جي ناڪامين جي ٿي رهي آھي ته اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته  پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي اڳوڻين حڪومتن تي قرض وٺڻ کي انهن جو سڀ کان وڏو جرم قرار ڏيندڙ پي ٽي آءِ سرڪار ساڍن ٽن سالن ۾ قرض وٺڻ جا اڳوڻين حڪومتن جا رڪارڊ ٽوڙي چڪي آھي.

ملڪ ۾ ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ جا اڳوڻين حڪومتن تي الزام هڻندڙ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڪرپشن جي انڊيڪس ۾ پاڪستان 124 نمبر کان 140 نمبر تي وڃي پهتو آھي. اها رپورٽ به ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي آھي جنهن جي رپورٽن جا ماضي ۾ عمران خان حوالا ڏئي ان وقت جي حڪومت تي تنقيد جا تير هلائيندو هو. ڇا اها حقيقت نه آھي ته هن حڪومت ۾ پيٽرول جو مصنوعي بحران پيدا ٿيو، ملڪ ۾ کنڊ، ڪڻڪ ۽ دوائن جو بحران ٿيو ان کان حڪومت انڪار انڪري نٿي ڪري سگهي جو انهن بحرانن بابت عمران خان پاران ڪرايل جاچ ۾ اها تصديق ڪئي وئي ته پيٽرول جو هٿرادو بحران پيدا ڪري اربين روپيا عوام جي کيسي مان ڪڍيا ويا.

قانون جي حڪمراني هن دور ۾ به اها رهي آھي جو سريلنڪن شهري پرانٿا ڪمارا کي درندگي سان ماري زنده ساڙيو ويو،  موٽروي تي عورتن سان ريپ جا واقعا ٿيا ملڪ اندر دهشتگردي جا واقعا ڪندڙ طالبان اڳيان حڪومت انهن جو ماضي وساري ڳالهيون ڪيون پر انهن ان باوجود اهڙا شرط رکيا جن کي تسليم ڪرڻ حڪومت جي وس جي ڳالھه نه آھي. نه رڳو ايترو حڪومت جي رٽ چئلينج ڪندڙ تحريڪ لبيڪ جنهن کي هن حڪومت دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو ان اڳيان گوڏا کوڙيا ويا

، ان مٿان پابندي ختم ڪري گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو ويو. ان جهڙا کوڙ حوالا ڏئي سگهجن ٿا جيڪي قانون جي حڪمراني اڳيان سواليا نشان آھن پوءِ به حڪومت  ٽرانسپيرنسي رپورٽ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. حڪومت تسليم ته ملڪ اندر نوان رڪارڊ قائم ڪندڙ مهانگائي کي به ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي حڪومت ملڪ اندر غربت ۾ اضافو ٿيڻ جي ڳالهين کي به رد ڪري ٿي ان لاءِ موٽر سائيڪلن،  گاڏين ۽ موبائيلن جي رڪارڊ سيل ٿيڻ جا حوالا ڏئي حڪومت چئي رهي آھي ته جيڪڏهن مهانگائي وڌي ها ته گاڏيون موبائيلن جي سيل ۾ واڌ ڪيئن ٿئي ها؟  زميني حقيقتن ۽ حڪمرانن جي ڳالھين ۾ فرق ته هر حڪومتي دور ۾ محسوس ڪيو ويندو رهيو  آھي پر وزير اعظم عمران خان ۽ ان جي وزيرن پاران زوزانو ڏهه ڏهه ڀيرا ٽي وي اسڪرين تي اچي جيڪي دعوائون ڪيو پيون وڃن انهن دعوائن کي ٻڌي  جڏهن ملڪ جي زميني حقيقتن تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته عمران خان جي حڪومت جي دعوائن ۽ زميني حقيقتن ۾ ڏينهن ۽ رات  جيترو فرق هوندو آھي.

ملڪ جي ٻهراڙين تي نظر ڊوڙائجي ٿي ته ڪٿي به  خوشحالي جو پاڇو به نظر نٿو اچي ۽ مهانگائي جي راڪاس جيئن ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪيو آھي ان جي ڀيٽ شهرن ۾ رهندڙ آبادي سان  ڪڏهن به ڪنهن دور ۾  ٿي آھي نه ئي هن ئي دور ۾ ٻهراڙين جي ڀيٽ شهري آبادي سان  ڪري سگهجي ٿي پر حڪومتي انگ اکرن مطابق اهي خوشحال آھن. حڪومت جي نظر ۾ رڳو مهانگائي سبب ملڪ اندر پگهار دار طبقو ئي متاثر ٿيو آھي شهرن ۾ رهندڙ مڊل ۽ لوئر مڊل ڪلاس حڪومت کي متاثر ٿيل نظر اچي رهيو آھي ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته اهو طبقو مهانگائي ۾ متاثر ٿيو آھي پر سوال هي آھي ته جنهن مهانگائي برسر روزگار سفيد پوش ۽ پگهاردار طبقي کي متاثر ڪيو آھي ان مهانگائي روز ڪمائڻ ۽ روز کائڻ واري غريب طبقي جو ڪهڙو برو حشر ڪيو هوندو؟

هاڻي واپس اچون ٿا ان بحث تي ته ڇا عمران خان جي حڪومت ختم ٿي رهي آھي؟ اهو اهڙو سوال آھي جنهن تي تبصرو ڪرڻ لاءِ ماضي ۾ جهاتي پائڻ ضروري آھي.اها ملڪ جي تاريخ رهي آھي ته موجوده وزير اعظم  عمران خان کان اڳ جيڪي 21  وزير اعظم رهيا آھن انهن مان ڪنهن هڪ به آئين ۾ ڏنل پنج سالن جي مدت مڪمل نه ڪئي آھي هن وقت تائين ملڪ اندر وزير اعظم جي عهدي تي وڌ ۾ وڌ وقت تائين يوسف رضاگيلاني رهيو آھي يوسف رضاگيلاني وزير اعظم جي عهدي تي 4 سال ۽ 86 ڏينهن رهيو. ملڪ جي تاريخ ۾ ايتري تبديلي ضرور آئي آھي جو 2002ع کان پوءِ جيڪي به اسيمبليون چونڊجي آيون آهن انهن  مدت پوري ڪئي آھي پر ڪو به وزير اعظم ملڪي تاريخ ۾ مدت مڪمل نه ڪري سگهيو آھي. موجوده وزير اعظم عمران خان به ساڍا ٽي سال وزير اعظم طور پورا ڪيا آھن اهو ته وقت ٻڌائيندو ته عمران خان پنج سال پورا ڪري ملڪي تاريخ جو پهريون  وزير اعظم جو اعزار حاصل ڪري سگهي ٿو يا نه، ڇو ته عمران خان جي اقتدار مان گرفت ڍري ٿيندي نظر اچي رهي آھي،

وزير اعظم جي ٽيم جا ميمبر کيس ڇڏيندا پيا وڃن. تازو احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر کيس ڇڏي ويو آھي پر جڏهن عمران خان کي عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد ڇڏي يا اتحادي پارٽي ق ليگ ، جي ڊي اي  ۽ ايم ڪيو ايم حڪومت کي الواع ڪن تڏهن عمران خان لاءِ حڪومت بچائڻ مشڪل ٿي ويندو. ڇو ته اهو عمل ان ڳالھه جو اشارو به هوندو ته عمران خان جن سهارن ذريعي هلندو رهيو آھي  اهي سهارا باقي نه رهيا آھن، ڇو ته شيخ رشيد جي ڪابينه ۾ هوندي ڪير اهو چئي سگهندو ته ڳجهين طاقتن جو عمران خان مٿان هٿ نه آھي. اهو ئي سبب آھي جو مخالف ڌر عمران خان کي هٽائڻ لاءِ عدم اعتماد آڻڻ جو رسڪ نه کڻي رهي آھي، مخالف ڌر سمجهي ٿي ته جيڪڏهن عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿي ته ان سان عمران خان مضبوط ٿي ويندو. لڳي ٿو ته مخالف ڌر کي جيستائين پڪ نه ٿي ويندي ته اسٽيبلشمينٽ جو عمران خان مٿان هٿ ختم ٿي ويو آھي تيستائين نه مخالف ڌر عدم اعتماد جي رٿ آڻيندي نه ئي اهڙي رٿ ڪامياب ٿي سگهي ٿي.

سوال هي آھي ته ڇا مخالف ڌر جي لانگ مارچ سان حڪومت ختم ٿي ويندي؟ ماضي کي ڏسي ان سوال جو جواب انڪار ۾ آھي ڇو ته ڌرڻي سان ته طاقتون گڏ هجڻ باوجود عمران خان به نواز شريف جي حڪومت کي گهر نه موڪلي سگهيو هو ته پوءِ هن اختلافن جو شڪار ۽ ڇڙوڇڙ مخالف ڌر ڌرڻي سان عمران خان جي حڪومت ڪيئن ختم ڪرائي سگهي ٿي؟ پي ڊي ايم 23 مارچ تي پيپلزپارٽي کي ڌرڻي ۾گڏ کڻي هلڻ لاءِ تيار نه آھي نه ئي 23 مارچ تي اعلانيل لانگ مارچ کي حڪومت جي خاتمي تائين جاري رکڻ لاءِ تيار آھي، ايئن پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ کي به حڪومت جي خاتمي تائين جاري رکڻ لاءِ پيپلزپارٽي جو ڪو ارادو نه آھي. مطلب ته لانگ مارچ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ آھن پر انهن لانگ مارچن کي روڪڻ جي حڪومت ڪوشش ڪئي ۽ ان دوران ڪا اڻٿيڻي ٿي پئي ته پوءِ حالتن جو رخ اهڙو ٿي سگهي ٿو جو لانگ مارچ حڪومت جي خاتمي جو سبب ٿئي. اها ڳالهھ ان ڪري به چوان ٿو جو گهرو وزير شيخ رشيد سينيٽ جي ايوان ۾ اهو چئي چڪو آھي ته 23 مارچ تي دهشتگردي جو خطرو آھي جنهن خطري کي روڪڻ حڪومت جو ڪم ۽ ذميواري آھي.

شيخ رشيد دهشتگردي جي خطري جي اهڙي ڳالهھ ڪرڻ وقت اهو به چيو ته محترمه بينظير کي به چيو ويو هو ته راولپنڊي ۾ جلسو نه ڪيو، شيخ رشيد مخالف ڌر کي اها اڻ سڌي ريت ڌمڪي ڏني آهي يا نه ان جو فيصلو مخالف ڌر کي ڪرڻو آھي پر “اقتدار مان نڪتس ته مان توهان لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس”واري وزير اعظم جي ڌمڪي ڀلي بظاهر مخالف ڌر کي هجي پر ان ڌمڪي کي “ڌڪ هڻ دانگي واري کي، ته ڪن ڪني واري ڪري” جي چوڻي وانگر محسوس ڪيو پيو وڃي، ڇو ته اهو هر ڪنهن کي معلوم آھي ته ڪنهن به حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جي سگهھ ڪنهن وٽ آھي.  اهو ئي سبب آھي جو عمران خان جي ان ڌمڪي کي ان تناظر ۾ به ڏٺو پيو وڃي. جيڪڏهن طاقتور ڌرين ان ڌمڪي کي دل تي ورتو ته پوءِ عمران خان جي بحرانن ۾ گهيريل حڪومت کي گهر موڪلڻ انهن لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه آھي. مسئلو رڳو ان بعد اقتداري مامرن جو آھي جنهن کي طئه ڪرڻ ايترو آسان نه آھي جيترو اسان جي ملڪ جا تجزئي نگار سمجهي رهيا آھن.