ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص ۾ زراعت کاتي جي واٽر مينجمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ لوئر اسٽاف جي ملازمن 05 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن الهداد لغاري، شبير آرائين، وشن داس، مٺو مري ۽ ٻين چيو ته 24 ملازم 15 سالن کان ڊيوٽيون ڪري رهيا آهن،  جن کي گذريل 05 مهينن کان پگهارون ناهن ڏنيون ويون، هنن چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب ملازم ۽ سندن خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته پگهارون ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.