ميرپورخاص (رپورٽر) 6 مھينا اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل 16 ورھين جي نينگري اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ والد جي درخواست تي پوليس کيس بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو، نينگري پاران مڙس سان گڏ وڃڻ جو بيان، عمر گھٽ ھئڻ سبب سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت نينگري کي دارالامان حوالي ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ بدين ضلعي جو رھواسي ۽ جھڏي ويجھو ھارپو ڪندڙ سکو ڪولھي پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ وڪيل علي محمد نھڙي معرفت 491 جي درخواست داخل ڪرائي، جنھن ۾ نينگري جي والد ڄاڻايو ته منھنجي ڌيءُ ھريا جنھن جي عمر 16 سال آھي، جنھن کي 6 مھينا اڳ نور محمد لاشاري اغوا ڪري زوري مذھب تبديل ڪري نڪاح ڪيو ھو، جنھن کي بازياب ڪرايو وڃي، جنھن بعد سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جھڏو پوليس کي نينگري بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻڻ جو حڪم ڏنو ۽ ميڊيڪل ڪرائي عمر جو تعين ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي، جتي جھڏو پوليس نينگري کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جڏھن ته ميڊيڪل ۾ سندس عمر 16 کان 17 سال جي تصديق ٿي، جڏھن ته نينگري ھريا ڪولھڻ اسلامي نالو عائشه عدالت آڏو نور محمد لاشاري سان گڏ وڃڻ جو بيان ڏنو، جتي معزز عدالت نينگري جي عمر گھٽ ھئڻ سبب کيس دارالامان حيدرآباد حوالي ڪري ڇڏيو، حڪم نامي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو ته جڏھن نينگري جي عمر 18 سال ٿيندي تڏهن پنھنجي مرضي سان ڪنھن سان به گڏ وڃڻ جي اجازت ھوندي.