نئين (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا جا رڪارڊ 2لک 17هزار کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن، ڀارتي ميڊيا موجب، ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن جي انگ ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي وئي آهي، 24ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 2لک 17هزار 353 ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 1185 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڀارت ۾ هن وقت تائين هڪ ڪروڙ 43لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ ڀارت آمريڪا کانپوءِ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثر ملڪ بڻجي ويو آهي.