ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو جي ڳوٺ گل حسن جتوئي جي رهواسين نظر جتوئي ۽ شاهد جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 20 ورهين جو دلدار علي رڪشا هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو آهي، کيس  پوليس اهلڪارن  مفت ۾ ڪورٽ کان سامان نه کڻي اچڻ تي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته پوليس نوجوان کي ڇڏائڻ لاءِ ويل عورتن تي به تشدد ڪيو، نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايووڃي.