سلطانپور (ن پ ا) سلطانپور ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي. سلطانپور ويجهو ڳوٺ صالحاڻيءَ مان پورھيت زين العابدين ڪلھوڙو جي ڀلوڙ مينهن چوري ڪري فرار ٿيندڙ چورن سان ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري مينهن ڇڏائي ورتي. سلطانپور مان دڪانن تان سولر پليٽون چوري ٿي ويون. ھڪ ئي رات مختلف ڳوٺن مان چوريءَ  جي چئن وارداتن بعد علائقي واسين پاران ضلعي ڪائونسل جي آزاد اميدوار ايڊوڪيٽ نعمت الله سمائر، سماجي اڳواڻ ميان خيرالدين انڍڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ھٿن کي زنجيرون ھڻي سلطانپور ڪينٽ پوليس خلاف ٿاڻي آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. مظاهرين مطالبو ڪري رهيا هئا ته ايماندار ايس ايچ او مقرر ڪري علائقي ۾ امن بحال ڪرايو وڃي. بعد ۾ ڊي ايس پي پنوعاقل سرفراز منگي ڪينٽ ٿاڻي تي پھچي هڪ هفتي جي مهلت طلب ڪري مظاھرين سان ڳالهين بعد ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.