ڌاٻيجي (ن پ ا) يونين ڪائونسل ڌاٻيجي جي پبلڪ پارڪ تي قبضي جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾  اڳوڻي پ پ  يو سي ڌاٻيجي جي چئيرمين فقير نبي بخش ڪلمتي، جسقم اڳواڻ نظام جوکيو، سماجي اڳواڻ آصف جوکيو، ايس ٽي پي اڳواڻ عمر ناهيو ۽ ٻين ٻڌايو ته ڌاٻيجي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خالي پيل سرڪاري  زمينن تي قبضي بعد پبلڪ  پارڪن تي ڪراچي جي بااثرن قبضو ڪري اڏاوت شروع ڪري ڇڏي آهي، هنن عدالت سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي  قبضو خالي ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.