ٿرڙي محبت (ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ پورهيت انور ملاح پنهنجي ڀاءُ غلام سرور جي پلاٽ تي قبضي خلاف اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي جسم تي زنجيرون ۽ مَٽ ٻڌي ناظم منگي چوڪ وٽ انوکو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي پورهيت انور ملاح چيو ته هوسڙي ۾  منهنجي ڀاءُ غلام سرور ملاح جي پلاٽ تي بااثر قبضو ڪيو آهي، احتجاج ڪرڻ تي  قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.