اداڪاره ميرا جو ڀاءُ حسين عباس فلمي دنيا ۾ اچي ويو

0
220

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني فلم انڊسٽري لالي ووڊ  جي اداڪاره ميرا جو ڀاءُ سيد حسين عباس  به فلمي دنيا ۾  اچي ويو، ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اداڪار ميرا چيو ته هن فلمي دنيا ۾ ڪم جي شروعات ڪمرشلز (اشتهارن) کان ڪئي، سندس عمر جي حوالي سان غلط افواھ پکيڙيا ويا،  منهنجي پھرين فلم ڪانٽا ھئي

  مون انڊيا وڃي مھيش ڀٽ سان ملي بالي ووڊ  ۾ به ڪم ڪيو،  هن وقت بلوچي سکي رهي آهيان، قوم جيترو پيار مونکي ڏنو، انهي پيار جو ٿورو حصو منهنجي ڀاءُ سيد حسن عباس کي ڏيو ته جيئن ھو پنهنجي فن ذريعي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهي

هن چيو ته پاڪستان ۾ اڪيڊميون نه هجڻ ڪري  ٽيلنٽ رکندڙ نوجوانن جي تربيت نه ٿئي ٿي، جنهن سبب  فلم انڊسٽري  کي وڏو نقصان پھتو آهي، هن  چيو ته  ملڪ اندر اسپتالون  ۽ڪاليج ٺھن پيا، فن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ اڪيڊميون پڻ ٺھڻ گھرجن، ان موقعي تي  ميرا جي ڀاءُ  سيد حسين عباس چيو ته آئون  ٽي وي  ۽ فلم  اسڪرين تي ڪم ڪرڻ چاھيان ٿو