ميروخان (ن پ ا) ميروخان ويجهو باهه سبب ٻن پورهيتن جا ڪکانوان گهر سڙي رک، خبر موجب سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪوٽ لعل بخش مهيسر جي گهر پنهنجا ۾ سولر بيٽري جي تار مان گهرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻن پورهيتن محرم چانڊيو ۽ رب رکيو چانڊيو جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل اناج، 30 هزار رپيا روڪ رقم، هنڌ، کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي، بعد ۾ سجاول جوڻيجو جي فائر برگيڊ گاڏين پهچي باھ تي ضابطو آڻي ٻين گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.