خيرپور (رپورٽر) ضلعي انتظاميا، بسوا، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي گڏيل سهڪار سان ضلعي خيرپور جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن بابت سول سوسائٽي، اين جو اوز ۽ سماجي ڪارڪنن سان ڊسٽرڪٽ اسيمبلي سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ منعقد ڪئي وئي. اسيمبليءَ جي صدارت چيئرپرسن هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ اقبال احمد ڏيٿو ڪئي. اسيمبليءَ ۾ لاڳاپيل عملدارن، سماجي اڳواڻن ۽ برسات متاثرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هيومن رائٽس سنڌ جي چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو خطاب ڪندي چيو ته ڊسٽرڪٽ اسيمبليءَ ۾پيش ڪيل تجويزون ۽ سفارشون سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته برسات متاثر علائقن مان پاڻيءَ جي نيڪال ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ بحاليءَ لاءِ اپائن تي سئو سيڪڙو عمل ڪيو وڃي. هيومن رائٽس ڪميشن جي ميمبر ناليواري اداڪار ايوب کوسو، عبدالله دايو، خادم ميراڻي، عبدالجبار خاصخيلي، مهناز بوزدار، ڊاڪٽر شاهد خاصخيلي، علي احمد راڄپر، ظفر ڦلپوٽو، علي گل ملاح ۽ ٻين ڊسٽرڪٽ اسيمبليءَ کي برسات ۽ ٻوڏ دوران ڪارڪردگي بابت تفصيل سان بريف ڪيو.