ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي لڳ ڳوٺ حاجي مبارڪ خاصخيلي جي غريب پورهيت محمد عمر ڪپري جو معصوم پٽ 12 سالن جو رستم پنج سالن کان گلي جي بيماري ۾مبتلا آهي. سندس غريب پورهيت والد محمد عمر ڪپري مسلسل علاج لاءِ مختلف اسپتالن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي پر غربت سبب معصوم ٻارڙي جو اڃا تائين مڪمل علاج نه ٿي سگهيو آهي. غريب پورهيت محمد عمر ڪپري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي گلي ۾ ڳنڊو گذريل پنجن سالن کان ظاهر ٿيو آهي ڪافي وقت کان مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ رهايو آهي پر پيسا نه هجڻ سبب سندس علاج مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. ميرپورخاص جي هڪ پرائيويٽ اسپتال منهجي پٽ جي آپريشن لاءِ 30 هزار رپين جي گهر ڪئي آهي پر مون غريب وٽ ايتري رقم ناهي جو پٽ جو آپريشن ڪرائي سگهان. غريب پورهيت وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.