ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ لڳ خانپور جوڻيجو شھر مان 10 ڏينھن اڳ سنڌو موبائل شاپ اسمار ملاح جي دڪان مان لکين روپين جي خلاف دڪاندرن سومر تي شھر ۾ ڪاروبار مرڪز بند ڪري مين روڊ تي ڌرڻي ھڻن جو اعلان ڪيو آھي، چيمبر آف ڪامرس ضلعي دادو جي صدر محمد اقبال چارڻ، پرويز ملاح، طارق ملاح، سھيل ملاح، ساجد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ ۾ ميڊيا آفيس اڳيان چوري جي واپسي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي اقبال چارڻ ۽ پرويز ملاح سميت ٻين مظاھرين چيو ته 10 ڏينھن اڳ خانپور جوڻيجي مان سنڌو موبائل شاپ جي دڪان مالڪ اسمار ملاح جي موبائل دڪان مان لکين رپين جي ماليت جو سامان چوري ڪيو ويو، جنھن جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو ۽ ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو کي بدلي ڪري نئون آفيسر مقرر ڪيو پر نئين آيل ايس ايڇ او اڃا تائين چوري ٿيل سامان واپس نه ڪرائي سگھيو آھي ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ڪري سگھي آھي. پوليس رڳو ڪوڙا دلاسا ۽ آسرا ڏئي رھي آھي. سامان واپس نه ٿيو ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيا ته اسين سومر جي ڏينھن شٽر بند ھڙتال ڪري انڊس ھاءِ وي روڊ تي ڌرڻي جو اعلان ڪيون ٿا.