ڪوٽڏيجي (ن پ ا) ڪوٽڏيجي ۾ ڳوٺ قائم الدين سولنگي جي رهواسي ممتاز سولنگي احتجاج ڪندي چيو ته اڳوڻي ٽائون چيئرمين کان 50 هزار وياج تي ورتا. 80 هزار ڏنا آھن پر هو اڃان 50 هزار ٻيا به گهري رهيو آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪنب ۾ ڏاڍ تي موٽرسائيڪل کسي بيهاري ڇڏي آھي. ڪنب ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي آھي پر پوليس ساجن وساڻ کي گرفتار ڪرڻ بدران کيس تحفظ فراهم پئي ڪري. هوڏانهن اڳوڻي ٽائون چيئرمين ساجن وساڻ رابطو ڪري ٻڌايو ته ممتاز سولنگي 2 سال پهريان 50 هزار اوڌارا ورتا، منهن نه پيو ڏيئي، ان لاء مون سندس موٽرسائيڪل کسي بيهاري آھي, هاڻ اگر ھو پئسا کڻي ايندو يا ڪوئي نيڪ مرد ضامن وٺي ايندو ته مان کيس موٽرسائيڪل واپس ڪندس.