حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت مٽياري موٽروي منصوبي ۾ ڪرپشن واري ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اسلم پيرزادو کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن نيب گرفتار ڪيل جوابدار اسلم پيرزادو کي رمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو. جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار کان کين جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ سندس رمانڊ منظور ڪيو وڃي. عدالت جي عدالت محبوب علي دايو جاچ آفيسر جي درخواست منظور ڪندي جوابدار کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ پاران عبوري ضمانت رد ڪرڻ بعد نيب جوابدار کي عدالتي احاطي ٻاهران گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي هئي. ڄاڻايل ڪيس ۾ معطل ڊي سي عدنان رشيد ۽ اي سي منصور عباسي کان جاچ بعد نيب ڄاڻايل جوابدار کي جاچ ۾ شامل ڪيو هو پر جوابدار گرفتاري خوف کان عدالت پهچي ضمانت ڪرائي ڇڏي هئي. نيب جو الزام آهي ته ڄاڻايل جوابدار سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندي مٽياري جي عملدارن کي چيڪ ڪيش ڪرائي ڏنا جنهن دوران هن پاڻ به ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي هئي.